روضة الشهداءِ

روضة الشهداءِ: روضة الشهداءِ هڪ قلمي نسخو آهي، جيڪو برٽش ميوزيم لنڊن ۾ موجود آهي. هن نسخي ۾ 235 ورق آهن، هن جي ڊيگهه ساڍا ست انچ ۽ ويڪر چار انچ آهي. هر صفحي تي 11 سٽون لکيل آهن ۽ پٽيِ ٽي انچ آهي. ڪيٽالاگ ۾ هن نسخي جو نالو ’روضة الشهيد‘ لکيو ويو آهي، جيڪو درست نه آهي. هن نسخي ۾ امامن سڳورن جو بيان آهي. برٽش ميوزيم لنڊن جي ڪيٽالاگ ۾ هن نسخي جي شروعاتي صفحن نه هئڻ سبب مصنف يا مترجم بابت ڪا به ڄاڻ موجود نه آهي. روضة الشهداءِ جو منظوم سنڌي ترجمو به ٿيل آهي، جيڪو مولوي احد مرحوم هڪ پارسي ڪتاب تان سن 1172هه/ 1758ع ۾ تيار ڪيو هو. هن نسخي جي ابتدا ۾ هيٺيون شعر ڏنل آهي:
ساراهيان سچو ڌڻي، جو خالق خلق خدا،
۽ پڻ صلواة سائين جون مٿي محمد شا
ساري سڻو مومنا، هاڻي هن اتا،
چوٿون خلفاءِ الراشدين منجها علي المرتضيٰ
جو سوٽ سچي سيد المرسلين جو ۽ پڻ دامادا،
صاحب ساراهيو جنهن کي، منجهه سورت ’هل اتيٰ‘.


لفظ روضة الشهداءِھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو